158

پاڪستان: آسٽريليا ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هن سال آسٽريليا جو دورو ڪندي جتي هو ٽن ون ڊي ۽ ڪيترن ئي ميچن تي مشتمل ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏندي ڪرڪيٽ آسٽريليا پاڪستان جي تجويز ڪيل دوري جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب پهرين ون ڊي سيريز ۽ بعد ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏي ويندي موجوده شيڊول موجب پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 4 نومبر تي ميلبورن ۾ کيڏي ويندي. ٻئي ٽيمون 8 نومبر تي ايڊيليڊ ۽ 10 نومبر تي پرٿ ۾ آمهون سامهون ٿينديون ٽي 20 سيريز جي شروعات 14 نومبر کان ٿيندي ۽ پهرين ميچ گابا ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ 16 نومبر تي سڊني ۾ آمهون سامهون ٿيندي، جڏهن ته ڪينگروز ۽ شاهين 18 نومبر تي هوبارٽ ۾ ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آمهون سامهون ٿيندا ان حوالي سان ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او نڪ هاڪلي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آسٽريليا جي مختلف شهرن ۾ زبردست مقابلا ٿيڻ وارا آهن. پاڪستان جو عالمي چيمپيئن خلاف ميچ مداحن لاءِ يادگار ايونٽ هوندو، هن چيو ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز جون ٽڪيٽون 4 جون کان آن لائن دستياب هونديون

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو