آءِ سي سي جو وفد ٻئي مرحلي ۾ قذافي اسٽيڊيم لاهور پهتو جتي ايندڙ سال پاڪستان ۾ ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي انتظامن جو جائزو ورتو ويندو موجب آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ايندڙ سال فيبروري ۾ پاڪستان ۾ ٿيڻي آهي، جنهن لاءِ آءِ سي سي جو وفد انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪالهه پاڪستان پهتو آءِ سي سي جي ايونٽ آپريشنز جي سينيئر مئنيجر ساره ايڊگر ۽ ايونٽ مئنيجر عون زيدي تي مشتمل ٻه رڪني وفد ٻئي مرحلي ۾ اڄ قذافي اسٽيڊيم لاهور پهتو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو ان موقعي تي بورڊ جي عملدارن ۽ قذافي اسٽيڊيم جي منتظمين آءِ سي سي جي وفد کي بريفنگ ڏني جڏهن ته وفد اسٽيڊيم جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ ٽرانسپورٽ جي رستن، سهولتن، ڊريسنگ رومز ۽ مختلف اسٽينڊن جو معائنو ڪيو وفد جو سربراهه ڪرس ٽيٽلي سڀاڻي ٽيم سان گڏ اسلام آباد پهچندو جتي 3 رڪني وفد پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪندو ۽ انتظامن جو جائزو وٺندو
