82

وفاقي حڪومت اٽي برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

وفاقي حڪومت اٽي برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي. حڪومتي ذريعن موجب وفاقي حڪومت ايڪسپورٽرز کي اٽي جي برآمد جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ان حوالي سان واپار واري وزارت هڪ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب رڳو امپورٽ ٿيل ڪڻڪ مان ٺهيل اٽي برآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته رڳو امپورٽ ٿيل ڪڻڪ مان ٺهيل اٽو ايڪسپورٽ مقصدن لاءِ برآمد ڪري سگهجي ٿو. ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر 2022 ۾ ترميم ڪندي حڪومت ايڪسپورٽ فيسليٽيشن اسڪيم 2021 تحت اٽي جي برآمد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ان حوالي سان حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا اطمينان بخش ۽ وافر ذخيرا موجود آهن، هن سال ڪڻڪ جي پوک ۾ مقرر هدف کان 1.8 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ هن سال ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف 32.1 ملين ٽن هوندو. حاصل ڪيو.. ياد رهي ته ان کان اڳ نگران حڪومت سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي درآمد روڪڻ جو فيصلو ڪيو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو