پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب نيوزيلينڊ جي ٽيم 14 ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي وئي آهي، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٻه ٽي 20 ميچون 25 ۽ 27 اپريل تي لاهور ۾ کيڏيون وينديون. ياد رهي ته ڪپتان ڪين وليمسن ۽ مچل سينٽنر پاڪستان ۾ سيريز کيڏڻ بدران انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
