آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو. پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، نيشنل سليڪشن ڪميٽي آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ سڀاڻي ٽيم جو اعلان ڪندي. پاڪستان ٽيم 10، 12 ۽ 14 مئي تي آئرلينڊ خلاف ڊبلن ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي جڏهن ته انگلينڊ خلاف ميچون 22، 25، 28 ۽ 30 مئي تي شيڊيول آهن. ذريعن موجب، ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان انگلينڊ خلاف پهرين ميچ کانپوءِ متوقع ۽ فاسٽ بالر حارث رئوف کي ٽيم جو حصو بڻايو ويندو جڏهن ته عثمان خان کي به وڌيڪ موقعو ڏيڻ جو امڪان آهي. حارث رئوف ڪلهي جي انجري سبب ٽيم جو حصو نه هيو، محمد رضوان پهريان کان گهڻو بهتر محسوس ڪري رهيو آهي ۽ هو به ٽيم جو حصو هوندو.
