ڪراچي جي ڪمشنر ٻن مهينن لاءِ سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. ڪراچي جي ڪمشنر سمنڊ ۾ وهنجڻ تي لاڳو پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب سمنڊ ۾ وهنجڻ تي پابندي ڪينپ بيچ، مبارڪ وليج ۽ سونيرا بيچ تي 13 آگسٽ تائين لاڳو هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل پوليس کي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
