پاڪستان ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون هڪ هزار 300 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 45 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1113 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 2 لک 10 هزار 134 رپيا آهي. ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 12 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2376 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
48