58

راولپنڊي ٽيسٽ ۾ بنگلاديش جي تاريخي فتح، پاڪستاني ٽيم کي 10 وڪيٽن تان شڪست

بنگلاديش راولپنڊي ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي تاريخ لکي ڇڏي آهي. راولپنڊي ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن پاڪستاني ٽيم ٻئي اننگز ۾ صرف 146 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي اننگز شروع ڪئي ته ڪپتان شان مسعود صرف 5 رنسن جو اضافو ڪرڻ کان پوءِ وڪيٽ وڃائي ويٺو جڏهن ته بابر اعظم 22، عبدالله شفيق 38، شاهين شاهه آفريدي 2، نسيم شاهه 3، سعود شڪيل، سلمان علي آغا ۽ محمد علي ٻُڙي تي آئوٽ ٿي ويا. محمد رضوان 51  رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، ان جي اننگز ۾ 6 چوڪا به شامل هئا،  پاڪستان کي بنگلاديش جي خلاف صرف 29 رنسن جي برتري حاصل هئي. بنگلاديش طرفان ٻئي اننگز ۾ مهدي حسن ميراز 4، شڪيب الحسن 3، جڏهن ته شورف الاسلام، ناهيد حسن ۽ حسن محمود هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. بنگلاديش جي رانديگرن کي راولپنڊي ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ صرف 30 رنسن جو حدف مليو جيڪو اوپنر ذاڪر حسن، شادمان اسلام بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو