54

راولپنڊي ٽيسٽ جو ٻيون ڏينهن: پاڪستان جي بنگلاديش خلاف بيٽنگ جاري، 3 رانديگر آئوٽ

بنگلاديش جي خلاف ٻئي ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ جاري آهي پاڪستاني ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 121 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. راولپنڊي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن برسات سبب ٽاس به نه ٿي سگهيو هو، ٻئي ڏينهن بنگلاديش جي ڪپتان نجم الحسن ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب اننگز جي شروعات ڪئي پر عبدالله شفيق پهرين ئي اوور ۾ تسڪين احمد جي بال تي ٻڙي تي بولڊ ٿي ويو. عبدالله شفيق جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ صائم ايوب ڪپتان شان مسعود سان ملي 107 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ڪئي ۽ شان مسعود 57 رنسون ٺاهي مهدي حسن ميراز جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. صائم ايوب 55 ۽ بابر اعظم 3 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهن. ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ بنگلاديش کي پاڪستان تي هڪ ٻُڙي جي برتري حاصل آهي. ياد رهي ته بنگلاديش پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي هئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو