62

راولپنڊي ٽيسٽ جو ٽيون ڏينهن: خرم جي بهترين بالنگ سبب بنگلاديش جا 75 رنسن تي 6 رانديگر آئوٽ

راولپنڊي ۾ جاري بنگلاديش جي خلاف  ٻئين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جي راند جاري آهي جتي مهمان ٽيم بيٽنگ ڪري رهي آهي. ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن ماني جي وقفي تائين پهرين اننگز ۾ بنگلاديش 6 وڪيٽن جي نقصان تي 75 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ٽئين ڏينهن جي شروعات بنگلاديشي ٽيم پهرين اننگز ۾ بنا ڪنهن نقصان جي 10 رنسن کان ڪيو، ڏينهن جي شروعات تي ئي خرم شهزاد ذاڪر حسين کي هڪ رنس تي آئوٽ ڪيو جنهن جو ڪيچ اسپنر ابرار احمد ڪيو. جنهن کان پوءِ خرم اوپنر شادمان اسلام ۽ نجم الحسين شنتو کي لاڳيتو 10 ۽ 4 رنسن تي پويلين موٽائي ڇڏيو ۽ شڪيب الحسن به ٻن رنسن تي شهزاد جو شڪار بڻيو. پاڪستان کي چوٿين ڪاميابي مير حمزه مومن الحق کي هڪ رنس تي آئوٽ ڪري ڏياري جڏهن ته مشفق الرحيم کي به مير حمزه 3 رنسن تي آئوٽ ڪيو. هن وقت بنگلاديش ٽيم جا 75 رنسن تي 6 رانديگر آئوٽ آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو