26

سون مسلسل ٻئي ڏينهن به سوين رپيا گهٽتائي

سڄي ملڪ سون جي قيمتن ۾ ٻئي ڏينهن به سوين رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ في تولو سون 1400 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 60 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي.اهري ريت ڏهه گرام سون 12 سئو رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 22 هزار 994 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 17 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 481 ڊالرز ٿي وئي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو