محرابپور :فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ مئجسٽريٽ محرابپور سيد نصير احمد شاھ محرابپور ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ڪوٽڙي ڪبير واسي 2 بي ڏوهي باندي بڻيل همراهن اميد علي مري ۽ خان محمد مري کي بازياب ڪرائي ورتو. جوڊيشل مئجسٽريٽ جي ڇاپي جي موقعي تي ايس ايڇ او محرابپور ابراهيم سومرو کسڪي ويو. سڀاڻي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي ڪنڊيارو ڪورٽ طلب ڪيو ويو آهي. ياد رهي تہ ايس ايڇ او ابراهيم سومري جي مقرري بعد “عدالت کان مٿڀرين ڪارروائين” ۾ اضافو آيو آهي. (رپرٽر ابراھيم نوناري)
