31

اختر مينگل دبئي روانو ٿيڻ کان اڳ پارليامينٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) جي سربراهه اختر مينگل دبئي روانو ٿيڻ کان اڳ پارليامينٽ کي الوداع چئي ڇڏيو آهي.اختر مينگل سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ پارليامينٽ کي الوداع چوندي لکيو ته سمورين سياسي پارٽين منهنجو استعيفيٰ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، مون کي هن پارليامينٽ ۾ رهڻ جي خواهش نه آهي، سياسي پارٽيون سمجهن ٿيون ته اهي مون کان معافي گهري راضي ڪري سگهن ٿيون.هن چيو ته سياسي پارٽيون ۽ حڪومت مون کان معافي گهرڻ جي بجاءِ بلوچ عوام کان معافي گهرن، مان صرف اختر مينگل نه پر عوام جو حصو آهيان بلوچ عوام سان صلح ڪندڙ ئي مون سان صلح ڪري سگهن ٿا، منهنجي ڪنهن سان به ڪابه ذاتي دشمني نه آهي.اختر مينگل چيو ته مون پنهنجي ضمير جي آواز تي پارليامينٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلوچستان جي مسئلي تي سياسي پارٽين ۽ حڪومتن کي سمجهائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. مان بلوچ عوام سان ٿيندڙ ناانصافين جو بار ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان آيس هاڻ مان آزاد آهيان.بي اين پي سربراهه وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته هاڻ تمام گهڻي دير ٿيڻ کان اڳ ٻين کي انهي جو احساس ٿي ويندو. پاڪستان ۾ قانون جي حڪمران ٿيندي ته ٻيهر ملنداسين. الوداع پارليامينٽ.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو