شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۽ انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر سائنس جي گڏيل سهڪار سان بينظير ڀٽو چيئر ۾ “سنڌي لفظ جي تعمير: ٻوليءَ جي وسيلن کي مصنوعي ذهانت سان ڳنڍڻ” جي عنوان تي هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ منقعد ڪيو ويو. ورڪشاپ جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ ڪئي. ورڪشاپ ۾ خاص مهمان طور عبدالمجيد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز انجنيئرنگ حيدرآباد جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙو شرڪت ڪئي.ورڪشاپ کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر يوسف خشڪ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪي ٻوليون آهن انهن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس سان فرينڊلي ٻولين ۾ اردو کانپوءِ سنڌي ٻولي پاڪستان جي نمبر ٻيو ٻولي آهي جيڪا مائڪروسافٽ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته هتان هڪ ٽيم تيار ڪريون جيڪا شاگردن ۽ اسان جي ٻوليءَ جو مستقبل بڻجي. هن چيو ته پرائيم منسٽر پروگرام تحت ملڪ جي مختلف يونيورسٽين اسڪالرشپس آيون ته اسان کي 22 هزار انفارميشن ٽيڪنالوجي سان لاڳاپيل پاڪستاني شاگرد گهرجن جنهن تي اسين ڪم ڪري رهيا آهيون، هي سنهري موقعو آهي جيڪڏهن شاهه لطيف يونيورسٽي جا شاگرد ان سلسلي ۾ ٻاهر ويندا ته انهن جا ڪٽنب خوشحال ٿيندا، اهي ڊالرز جي صورت ۾ پئسا ڪمائيندا ۽ ملڪ کي معاشي طور فائدو پهچندو.ان موقعي تي امر فياض ٻرڙي شاگردن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي حوالي سان ڄاڻ ۽ ٽپس ڏنيون ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ متعلق شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏنا . ورڪشاپ ۾ ڊين فيڪلٽي آف مينجمنٽ سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر امير حسين شر، ڊين فيڪلٽي آف آرٽس اينڊ لينگويجز پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ مشوري، ڊاڪٽر مھر خادم، ڊاڪٽر جاويد مھر ۽ ڊاڪٽر حسن شيخ سميت شاگردن، شاگردياڻين، ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي.
