پبلڪ هيلٿ جي ننڍن ملازمن پاران ٽائيم اسڪيل نه ملڻ خلاف سنڌ حڪومت خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙ ملازمن شاهل باجڪاڻي دين محمد بنگوار صديق ميراڻي نور محمد بنگوار مختيار ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ٻين محڪمن جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو آهي اسان جي محڪمي جي ننڍن ملازمن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي اسين ننڍا ملازمن آھيون اسان جي پگهار به گهٽ آهي جنهن مان اسان جو گذ سفر به مشڪل سان ٿيندو آهي ملازمن سنڌ جي وزير اعلي سميت وزير اعظم کي اپيل ڪئي ته پبلڪ هيلٿ جي ننڍن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏئي کين پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي
ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ