34

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ يوم دفاع قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، 6 سيپٽمبر 1965 واري جنگ ۾ بهادريءَ جا لازوال داستان سرجيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن ۽ نشان حيدر ماڻيندڙ سورمن جي مزارن تي حاضريون.اڄوڪي ڏينهن 6 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارتي وزيراعظم لال بهادر شاستري پاڪستان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو هو.پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ نظرياتي سرحدن جي محافظن کي سلامي پيش، 59 هين يوم دفاع جي موقعي تي ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽه، وزيرستان ۽ ٻين شهرن ۾ تقريبون.پاڪ فوج جي جٿن پاران شهيدن جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ويون، يوم دفاع جي مک تقريب اڄ رات 8 وڳي جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي ڪابينه جا ميمبر ۽ شهيدن جا وارث به تقريب ۾ شرڪت ڪندا.آرمي چيف جنرل عاصم منير يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن تاريخ ۾ وطن جي دفاع جي ڏهاڙي جي نالي سان وڏي اهميت رکي ٿو، اڄوڪي ڏينهن هٿياربند فوجن دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا هئا.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جي جذبي سان سرشار فوجون سرحدن جو تحفظ ڪري رهيون آهن، سيپٽمبر واري جنگ ۾ فوجن جي جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي،هن چيو ته ايمان، تقويٰ ۽ جهاد في سبيل الله دشمنن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جو وڏو هٿيار آهن، پاڪ فوج دهشتگرديءَ جي ديو کي بهادري سان قابو ڪيو آهي،آرمي چيف چيو ته روايتي دهشتگردي جي ابتڙ ڊجيٽل دهشتگردي وڌيڪ خطرناڪ ۽ منجهائيندڙ آهي، جيستائين اسان متحد رهنداسين دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي نقصان پهچائي نه ٿي سگهي.يوم دفاع جي موقعي تي ڪراچي ۾ مزار قائد ۽ لاهور ۾ مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي، پاڪ فوج جي جٿن پاران سلامي پيش ڪندي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون.ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون به گهريون ويون، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار مزار قائد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي واري پر وقار تقريب دوران پاڪ ايئرفورس اڪيڊمي جي ڪيڊٽس گارڊز جي ذميواري سنڀالي.تقريب جي خاص مهمان ايئر وائيس مارشل شهريار به مزار قائد تي حاضري ڀري، ٽنهي هٿياربند فوجن جي نمائندن به مزار قائد تي حاضري ڀري پنجاب جي سي ايم مريم نواز لاهور ۾ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي، ڪور ڪمانڊر لاهور ۽ ٻين جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو