سنڌ هاءِ ڪورٽ گاڏين جي خريداري جي نوٽيفڪيشن تي سنڌ حڪومت کي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد کان روڪي ڇڏيو، ڌرين کي چئن هفتن ۾ جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.سنڌ حڪومت پاران آفيسرن لاءِ لگزري گاڏيون خريدڻ جو فيصلو جماعت اسلامي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو.جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد فاروق ۽ ٻين سنڌ حڪومت جي فيصلي خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي،درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته 3 سيپٽمبر تي گاڏيون خريدڻ لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي غيرقانوني ۽ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالتي فيصلي تائين نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد معطل ڪيو وڃي.
