40

پريالوءِ ڀرسان پنج ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ڪيل عورت واپس نه ٿي

پريالوءِ ڀرسان پنج ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان اغوا ڪيل عورت واپس نه ٿي سگهي ۽ قتل ٿيل مقتول محمد عالم جتوئي جو قتل ڪيس الرا برادري جي 14 جوابدا خلاف داخل . تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان پنج ڏينهن اڳ الرا برادري جي هٿياربندن پاران گوليون هڻي قتل ڪيل ڳوٺ شيرمحمد جتوئي جو رهواسي پيرسن محمد عالم جتوئي جو قتل ۽ سندس گهرواري مائي نسيم خاتون عرف مائي مٺان جتوئي جو ڪيس حد جي فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ علي مراد پٽ ميرمحمد جتوئي جي فرياد تي الرا برادري جي وڏيرو رجب الرو . راجا خان الرو . عبدالحفيظ الرو . غلام عباس الرو . ساجد الرو . محمد عمر الرو . عبدالجبار الرو . گل حسن الرو سميت 11 سڃاتل ۽ 3 اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل . هوڏانهن قتل ٿي ويل مقتول محمد عالم جتوئي جي وارثن سندس ڀاءُ علي.مراد جتوئي جو چوڻ آهي ته الرا برادري جي ڄاڻايل هٿياربندن اسان جي ڀاءُ عالم جتوئي کي قتل ڪرڻ بعد اسان جي ڀاڄائي نسيم عرف مائي مٺان جتوئي کي اغوا ڪري ويا جنهن کي پوليس هن مهل تائين بازياب نه ڪرائي سگهي ۽ نه ئي قتل ۾ ڄاڻايل جوابدارن مان هڪ به جوابدار کي گرفتارڪري نه سگهي آهي ٻئي طرف ڄاڻايل ٿاڻي جي وڏي منشي نظرمحمد ڦلپوٽو جو چوڻ آهي ته پوليس پارٽي جلد اغوا ڄاڻايل عورت کي بازياب ڪرائي ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتارڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪنداسين

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو