40

پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان ھڪ دفعو ٻيهر مير گل محمد جکراڻي کي ضلع ڪشمور جو صدر ۽ مير الطاف احمد کوسو کي ضلعي جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيڻ تي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان ھڪ دفعو ٻيهر مير گل محمد جکراڻي کي ضلع ڪشمور جو صدر ۽ مير الطاف احمد کوسو کي ضلعي جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيڻ تي پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع ڪشمور جي سوين پارٽي ورڪرن، عھديدارن ۽ عوام پاران غوثپور ۽ ڊکڻ بنگلو ۾ استقبالي ڪئمپ قائم ڪيون ويون جتي پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع صدر مير گل محمد جکراڻي ۽ جنرل سيڪريٽري مير الطاف احمد کوسو جو دھل شرناين سان شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي ان موقعي تي مير گل محمد جکراڻي ۽ مير الطاف احمد کوسو خطاب ڪندي چيو ته اسان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر پاڪستان آصف علي زرداري، ميڊم فريال ٽالپر سميت اعلي قيادت جا ٿورائتا آهيون جن ھڪ دفعو ٻيهر اسان تي اعتماد ڪندي اھم عھدن جي ذميواري ڏني آهي پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي جنھن ھميشہ عوام دوست منصوبا ڏنا آهن اسان اڳ به ضلع جي عوام جي خدمت ڪئي آھي ۽ انشاء الله اڃا وڌيڪ ڪندا رھنداسين. بعد ۾ سوين گاڏين سان قافلي جي صورت ۾ ڪشمور جکراڻي ھائوس آندو ويو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو