297

پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي پوري سنڌ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ تعليم واري صوبائي وزير خلاف استادن مين پرائمري اسڪول کان پريس ڪلب تائين

پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي پوري سنڌ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ تعليم واري صوبائي وزير خلاف استادن مين پرائمري اسڪول کان پريس ڪلب تائين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ صوبائي وزير خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي پ ٽ الف جي ضلعي صدر ممتاز علي چاچڙ جنرل سيڪريٽري انور علي عارباڻي صدر الدين مرهٽو ج س ڊويزن لاڙڪاڻو عبدالقادر عارباڻي سٽي صدر منير احمد شاه لکمير جکراڻي الهڏنو بهلڪاڻي مير حسن ڀيو شبير کوسو ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سردار شاه استادن کي پنهنجا حق ۽ اسڪولن اندر بنيادي سهولتن جي کوٽ سميت درسي ڪتاب جي گهرج پوري ڪرڻ بجاء سنڌ جي سينئر استادن کان لکت ۾ ٽيسٽ جي ڳاله ڪري استادن ۾ بيچيني پيدا ڪئي آهي هنن چيو ته تعليم جي وزير ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن هو ڪيل ڪرپشن کي لڪائڻ خاطر اهڙو بيان جاري ڪري سنڌ جي استادن جي دل آزاري ڪئي آهي اسين وزير اعلي سنڌ سميت پ پ جي اعلي قيادت کي اپيل ڪيون ٿا ته هو بنا دير جي تعليم جي وزير کي هٽائي استادن ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو