ڪنڌرا ڳوٺ علي محمد مڱڻھار جي رھواسي ڌڻي بخش مڱڻھار عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڳوٺ بخش ڪٽپر جي بااثرن ناجائزن خلاف احتجاج ڪيو جن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مالڪ ڏنو عرف گل ڪٽپر رحمت الله غلام شبير نعمت الله اقبال ڪٽپر ۽ ٻين اسان جي گھر تي ناجائز چڙھائي ڪري اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي زمين تي قبضو رستا بند ڪري اسان کي گھرن کان نڪرڻ نٿا ڏين ڪنڌرا ٿاڻي تي اي سي داخل ٿي آهي پر پوليس ڪا به ڪارروائي ناھي ڪئي ايس ايس پي سکر نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪري نت ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪنداسين
