پريالوءِ ڀرسان گذريل ٽن مهينن کان هلندڙ جاگيراڻي ،سولنگي تڪرار جو نبيرو درگاھ شريف پيرجوڳوٺ تي سردار مير عابد خان سندراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو عورت سميت ٽي خون ثابت ٿيڻ تي سولنگي برادري مٿان هڪ ڪروڙ ويھ لک ڏنڊ جڏهن ته جاگيراڻي برادري مٿان ٽي خون ثابت ٿيڻ تي 99 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو مجموعي طور تي جهيڙيندڙ ڌرين مٿان 2 ڪروڙ 98 لک روپيا ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي وئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. علائقي ۾ خوشي لهر ڇائنجي تفصيل موجب گذريل ٽن مهينن کان پريالوءِ ڀرسان ڪوٽ پل واري علائقي جاگيراڻي، سولنگي برادري وچ ۾ هلندڙ ڪارنهن الزام معاملي تان شروع ٿيل تڪرار جو نبيرو درگاھ پيرڳوٺ ۾ سردار مير عابد خان سندراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ فيصلي سردار ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي سردار اشرف خان سولنگي سردار اظهر خان ڪماريو محمد خان جوڻيجو فيصلي ۾ جاگيراڻي ڌر پاران ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي مشير طور شرڪت ڪئي جڏهن ته عبدالستار جاگيراڻي بيان ڪيو. جڏهن ته سولنگي ڌر پاران محمد خان جوڻيجو ۽ اظهر ڪماريو مشير طور شريڪ ٿيا ۽ . ضمير سولنگي بيان ڪيو. ٻنهي ڌرين جا بيان ٻڌڻ کان سرپئنچن ۽ مشيرن صلاح مشوري کانپوءِ فتوا تيار ڪري ڌرين کي ٻڌائي وئي. جنهن ۾ جاگيراڻي ڌر تي ٽن ڄڻن عبدالشڪور سولنگي جان محمد سولنگي ۽ شاهزيب سولنگي جا خون ثابت ٿيڻ تي 99 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته سولنگي ڌر تي ڪارنهن جا 21 لک رپيا ڏنڊ جڏهن ته عورت جو خون ثابت ٿيڻ تي 40 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته مجموعي طور تي سولنگي برادري مٿان جاگيراڻي برادري جي ڪارنهن سميت هڪ عورتن ۽ ٻن نوجوان جي قتلن سميت ٽن خونن جو هڪ ڪروڙ 120 لک روپيا ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي وئي. مجموعي طور تي ٻنهي ڌرين مٿان 2 ڪڙور 19 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. جڏهن ته فتوا ۾ پڻ ڄاڻايو ويو ته اڳرائي ڪندڙ ڌر کي 50 لک روپيا ڏنڊ ڏيڻو پوندو، ڏنڊ جي رقم ڌريون ٽن مهينن دوران ٽن قسطن ۾ ادا ڪنديون اهڙي فتوا ٻڌڻ بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. علائقي ۾ خوشي لهر ڇائنجي وئي ياد رهي جاگيراڻي، سولنگي تڪرار ۾ ٻن عورتن سميت ست انساني جانيون ضايع ٿي ويو
