ڪشمور ٽائون انتظاميا جي لاپرواهي سبب گلن جھڙي 4 سالن جي معصوم ٻارڙيءَ کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي وئي علائقي واسين جي مدد تحت معصوم ٻارڙي جو لاش ڪڍيو ويو گهر م قعورام مچي ويو امڙ کي بيهوشي جا دورا تفصيل موجب ڪشمور ٽائون انتظاميا جي لاپرواهي سبب گلن جهڙي چار سالن جي ٻارڙي کليل گٽر م ڪري فوت ٿي وئي ڪشمور ٽائون انتظاميه جي نااهلي سبب عيد گاھ محلا جي گٽر کليل ھجڻ ڪري چار سالن جي معصوم ٻارڙي صدف لاشاري کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي وئي جڏهن ته ننڊڙي کي شهر واسين پنھنجي مدد پاڻ تحت کليل گٽر مان ٻاهر ڪڍيو معصوم گلن جھڙي ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ گهرام مچي ويو سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا وارثن موجب نينگري گهران ٻاهر راند ڪرڻ لاء وئي هئي ته گٽر جو ڍڪ کلڻ هجڻ سبب نينگري پير ترڪي پئي ۽ نينگري گٽر ۾ ڪري فوت ٿي وئي وارثن اعلي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽائون چيئرمين ڪشمور خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو
