21

آءِ ايم ايف جي سخت شرطن باوجود اڄ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان

وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کان پوءِ اڄ رات جو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي ويندي.آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي پهرين سيپٽمبر کان 14 سيپٽمبر تائين ڪروڊ آئل جي عالمي قيمتن ۾ 8 کان 12 روپين تائين گهٽتائي ڪري ناڻي واري وزارت سان مشاورت کان پوءِ وفاقي ناڻي واري وزارت کي انٽرنيشنل قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان 6 کان 10 روپين گهٽتائي جي سمري اماڻي ڇڏي آهي.وفاقي ناڻي واري وزارت 25 سيپٽمبر تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس سان اسٽاف ليول مفاهمت واري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيارڻ لاءِ سرگرم آهي. ان لاءِ شهباز شريف جي حڪومت تي آءِ ايم ايف جون شرطون ڪافي سخت آهي ان جي باوجود اڄ آچر تي رات جو دير سان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 6 کان 12 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جي بجاءِ حڪومتي روينيو وڌيڪ ٻڌائڻ لاءِ 2 کان 5 روپين تائين پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي امڪاني طور تي ڪئي ويندي.پاڪستان پيٽروليم ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري ياسر رضا چوڌري ٻڌايو ته انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمت اپريل 2024ع ۾ 90 ڊالر في بيرل رهي جيڪا هاڻ سيپٽمبر ۾ گهٽ ٿي70 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي جيڪا گذريل 6 مهينن جي گهٽ ترين قيمت آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو