تنگواڻي لڳ چولياڻي ء ملڪ برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو فائرنگ استاد سميت ٻه ڄڻا ٿڏي تي قتل ٿي ويا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو پنج مهينن اندر ٽيون استاد قتل ٿيو آهي ذريعا.تفصيل موجب تنگواڻي لڳ قبيلائي تڪرار ختم نه ٿي سگهيا جهيڙن جي ور م استاد قتل ٿيڻ جو سلسلو نه گهٽجي سگهيو آهي چولياڻي ء ملڪ برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير جان باجڪاڻي م چولياڻي برادري جي هٿياربندن جو ملڪ برادري جي معزز شخصيت مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب استاد راڻو خان ملڪ عبدالتقي بجاراڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل م وٺي ڇڏيو ء پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي
