15

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس تي عمل شروع، جسٽس منيب ججز ڪميٽي کان ٻاهر ٿي ويو

صدر آصف علي زرداري طرفان پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح کان پوءِ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس تي عمل شروع ٿي ويو آهي.جسٽس منيب اختر 3 رڪني ججز ڪميٽي کان ٻاهر ٿي ويو ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس امين الدين خان کي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو.ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس امين الدين خان سينارٽي لسٽ ۾ پنجين نمبر تي آهي.3 رڪني ججز ڪميٽي بينچز جي جوڙجڪ ۽ انساني حقن جي ڪيسن جو جائزو وٺندي آهي. 3 رڪني ججز ڪميٽي ۾ چيف جسٽس کان علاوه سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه به شامل آهي. ذريعن موجب 3 رڪني ججز ڪميٽي جو اجلاس سومر تي گهرائڻ جو امڪان آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو