8

وزيراعظم شهباز شريف جي نوازشريف سان ملاقات، آئيني ترميم ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون

وزيراعظم شهباز شريف پارٽي اڳواڻ ميان نوازشريف سان ملاقات ڪئي آهي،  جنهن ۾ آئيني ترميم ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن.مسلم ليگ(ن) جي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف جاتي امرا، رائيونڊ ۾ نوازشريف سان ملاقات ڪئي. انهي موقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به موجود هئي.اهم ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف نواز کي ملڪ جي موجوده صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ گڏيل آئيني ترميمي پيڪيج تي به مشاورت ڪئي وئي. ملاقات جي دوران شهباز شريف اتحادي پارٽين سان ٿيندڙ هينئر تائين جي مشاورت جي باري ۾ نوازشريف کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو.نواز شهباز سان ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي دوري جي ايجنڊا جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهيون ڪيون. انهي موقعي تي نوازشريف موجوده ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف کي مشورا ڏنا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو