جڳديش آهوجا
‘مسٽر گانڌي، مذھب کي سياست ۾ نہ آڻ!’
‘Mr. Gandhi, don’t make the mistake! Don’t pollute the politics.’
اوھان کي اڄ شايد اعتبار نہ اچي پر ان طرح جي وارننگ سينئر ڪانگريسي اڳواڻ مسٽر محمدعلي جناح پنھنجي جونيئر ۽ ڪانگريس جي نئين اڳواڻ گانڌيءَ کي ان وقت ڏني ھئي جڏھن گانڌيءَ ھند جي مسلمانن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ خلافت تحريڪ جي سرگرم حمايت شروع ڪئي ھئي. جڏھن گانڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جھڙا اڳواڻ بہ سياست ۾ مذھب جي آميزش جي تباھ ڪن نتيجن کان واقف نہ ھئا تڏھن جناح گانڌيءَ کي خبردار ڪيو ھو تہ اھا تباھ ڪن غلطي نہ ڪري پر گانڌي نہ مڙيو ۽ ھو اڳيان ھلي ھندوستان جي ھندو اڪثريت جون دليون جيتيندي جيتيندي مسٽر مان مھاتما ٿي ويو ۽ ان کان بہ وڏو الميو اھو سرزد ٿيو تہ مسٽر جناح بہ پنھنجي واٽ ڇڏي گانڌيءَ جي واٽ ورتي ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي اڳواڻي سنڀالي ھند جي مسلمانن جو قائداعظم بڻجي ويو.
۽ پوءِ تاريخ گواھ آھي تہ برصغير ھند ۾ سياست ۽ مذھب جي ان آميزش جيڪا نفرت جي باھ ڀڙڪائي تنھن لکين زندگيون ڳڙڪائي ڇڏيون. اڄ اھو برصغير ھند ٽن رياستن ھندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ تقسيم ٿي چڪو آھي پر اھا نفرت جي باھ آھي جيڪا وسامڻ جو نالو ئي نٿي وٺي ۽ ٽنھي ملڪن جو عوام ان باھ ۾ اڄ بہ جلي رھيو آھي.
اسين بہ عجيب مخلوق آھيون، باھ تي پاڻي بدران پيٽرول ھاري پڇون ٿا تہ اھا باھ وسامڻ بدران وڌي ڇو ٿي!؟
اڄ جڏھن سموري انساني تاريخ اسان جي اکين آڏو آھي ۽ ان سوال جو جواب پنج سو سال اڳ يورپ جي قومن ڳولي پنھنجي سماج کي ان باھ ۾ وڌيڪ سڙڻ کان روڪي ورتو تہ اسان چئون ٿا تہ اسان اولھ جي ڪلچر کي ڪفر جو ڪلچر ٿا سمجھون، ان جي پيروي ڇو ڪيون!؟
يورپ ۾ جڏھن سياست ۽ رياست تي پاپائيت ۽ جاگيردار شاھي جو راڄ ھو تڏھن سقراط کي زھر جو پيالو پياريو پئي ويو، برونو کي زندہ ساڙيو پئي ويو، گليلو جي سچ کي ڪوڙ قرار ڏنو پئي ويو، والٽيئر کي جلاوطن ڪيو پئي ويو ۽ ھر روشن خيال دماغ ۽ سائنسي سوچ رکندڙ شھري تي ڪفر جون فتوائون جاري پئي ٿيون. ۽ پوءِ جڏھن نئين سجاڳي آئي ۽ صنعتي انقلاب برپا ٿيو تہ يورپي قومن سڀ کان پھريون ڪم اھو ڪيو جو ھنن مذھب کي ھر ڪنھن جو ذاتي عقيدو قرار ڏئي پنھنجي ھر شھري کي ڪوبہ مذھب، عقيدو، نظريو يا فلسفو اختيار ڪرڻ جي مڪمل آزادي ڏئي رياست ۽ سياست تان عيسائي پاپائيت جي اجاري داري ختم ڪري ڇڏي ۽ فڪري آزادي جو اھو ماحول ڏنو جو اڄ ھو ترقي جون منزلون طئي ڪندي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويا آھن. اوھان ان کان پوءِ ڪڏھن ٻڌو آھي تہ يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪڏھن ڪنھن ڪنھن کي ‘عيسائي دشمن’ قرار ڏئي مٿس ڪفر جي فتوا صادر ڪئي ھجي؟ پر برصغير ھند جي ٽنھي رياستن ۾ اھا ڪارگذاري جاري آھي. انڊيا جي آئين ۾ تہ مذھب کي رياست کان الڳ ڪيو ويو پر مذھب جي بنياد تي ڪيل ورھاڱي سماج ۾ تعصب ۽ نفرت جي باھ کي وسامڻ نہ ڏنو ۽ وري جڏھن بي جي پي سياست ۾ مذھب جي آميزش تيز ڪئي تہ نفرت جي اھا دٻيل چڻگاري ڀڙڪي باھ جو ڀنڀٽ بڻجي وئي.
ھاڻي جي مودي ڪري تہ گناھ، ملان ڪري تہ ثواب!
اسان فرار جي راھ اختيار ڪرڻ جا بہ عادي ٿي ويا آھيون. اکٻوٽ ڪرڻ بہ ڪو اسان کان سکي، سڀ ڪجھ ڄاڻندي بہ اڻڄاڻ بڻجي رھيا آھيون. علاج اسان جي اکين آڏو آھي، ڪرڻ لاءِ تيار ناھيون ۽ ماتم ٿا ڪريون!
رستو تہ صاف ۽ چٽو آھي ۽ تاريخ جو سبق بہ تہ مذھب کي رياست ۽ سياست کان بلڪل الڳ ڪري ھر شھري کي فڪر ۽ عمل جي آزادي ڏني وڃي ۽ نہ رياست کي ۽ نہ ڪنھن شھري کي اھا اجازت ھجي تہ ھو ڪنھن تي ڪفر جي، اسلام دشمنيءَ جي، ھندو دشمني جي فتوا صادر ڪري سگھي.
ھي برصغير ھند جي ٽنھي رياستن جو ھڪ صدي پراڻو مرض آھي جنھن مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ اجتماعي ڀلائي جي واٽ آھي، انسان دوستي جي واٽ آھي، نفرت جي باھ وسائڻ جي واحد واٽ آھي.