29

وزيراعظم شهباز شريف جي فلسطيني صدر سان ملاقات، غزه جي صورتحال تي ڳالهيون

 وزيراعظم شهباز شريف جي نيويارڪ ۾ فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.فلسطيني صدر غزه جي تازي صورتحال کان وزيراعظم شهباز شريف کي آگاهه ڪيو جنهن تي وزيراعظم جنگ جي جلد خاتمي جي اميد ظاهر ڪئي.صحافين سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان  غزه ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، پاڪستاني عوام جا دل فلسيني ڀيڻ ڀائرن سان گڏ ڌڙڪندا آهن.وزيراعظم چيو ته گذريل سال کان هينئر تائين اسرائيل 41 هزار فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ نوجوان ۽ ننڍا ٻار به شامل آهن، جڏهن ته غزه ۾ اسپتال، اسڪولز ۽ گهرن سميت سمورين جڳهين تي اسرائيل بمباري ڪئي آهي جيڪا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.هن زور ڏنو ته غزه ۾ جنگبندي ۽ فلسطيني رياست جي قيام لاءِ گڏيل مطالبي جو وقت اچي ويو آهي، ڇو ته انهي کان سواءِ خطي ۾ امن بحال نٿو ٿي سگهي.وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو ته فلسطينين جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام ضرور ٿيندو. فلسطيني صدر محمود عباس به مڃيو ته پاڪستان لاڳيتو فلسطين جي مسئلي جي حمايت ڪئي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو