33

چين کي سيڪيورٽي جو يقين ڏيارڻ جي باوجود ڪراچي جهڙو واقعو ملڪ خلاف سازش آهي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف ڪابينه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته چين کي سيڪيورٽي جو يقين ڏيارڻ باوجود ڪراچي جهڙو واقعو ملڪ جي خلاف هڪ وڏي سازش آهي.وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ چيني انجنيئرز تي حملو ڪيو ويو. بشام کان پوءِ اهو چيني شهرين تي ٻيو وڏو حملو آهي. ڪراچي واقعي ۾ 2 چيني فوت ٿي ويا، انهي واقعي جي مذمت ڪريون ٿا، وزيراعظم چيو ته چين کي يقين ڏياريو آهي ته چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني ويندي.وزيراعظم چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ سخت انتظام کڻڻ گهرجن. چيني سفير کي يقين ڏياريو آهي ته ايس سي او جي لاءِ گڏيل انتظام ڪيا ويا آهن.وزيراعظم چيو ته وفاقي راڄڌاني تي ڏينهن رات چڙهائي ڪئي پئي وڃي. 2014 ۾ به ڪيترائي مهينا ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو جيڪو چيني صدر جو دورو ملتوي ڪرڻ جي لاءِ هو. 2014 ۾ دشمن جا جيڪي ناپاڪ ارادا هئا ساڳيو ئي ڪم هاڻ ٿي رهيو آهي. ڌرڻي جي سازش کي ورجائڻ جي اجازت نه ڏينداسين.وزيراعظم چيو ته چين جو وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي ايندو. ڪالهه به سيڪيورٽي جي حوالي سان اهم گڏجاڻي ٿي. 2014 جي ڌرڻي سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رنڊڪون وڌيون ويون. ملڪ جون جڙون ڪٽڻ جي لاءِ سازش ڪئي وئي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هڪ جٿي کي پاڪستان جي ترقي منظور نه آهي هن چيو ته جتي ڏينهن رات افراتفري هجي اتي ڪير سرمائيڪاري ڪندو. وزيراعظم چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي سربراهي ۾ اٽڪ ۾ ميدان لڳايو ويو هنن جي جلوس ۾ افغان شهري ۽ پوليس اهلڪار به شامل هئا.وزيراعظم چيو ته تازو ئي ملائيشين وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ڪامياب رهيو آهي. حلال گوشت ۽ چانورن بابت ملائيشيا تعاون جو يقين ڏياريو آهي. هاڻ سعودي عرب جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ اچي رهيو آهي. پاڪستان کي ايس سي او جي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ مهمان نوازي جو موقعو ملي رهيو آهي پر ايس سي او جي موقعي تي چيني دوستن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا خراب ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم کي ختم ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو