ڪنڌڪوٽ لڳ ڌاڙيلن ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا وڌيڪ گولا برادري جو هڪ ڄڻو نوجوان ڌاڙيلن جي ور چڙهي ويو گولا برادري جا سوين ماڻهو هٿيارن سان ڪچي طرف پهچي ويا خونريزي وڌڻ جو خدشو ظاهر پوليس نه پهچي سگهي انگ وڌي ٽي ٿي ويومليل ڄاڻ موجب ڪشمور ضلعي جي پوليس امن امان بحال نه ڪرائي سگهي ڌاڙيلن ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا وڌيڪ گولا برادري جو هڪ نوجوان اغوا ٿي ويو ڪنڌڪوٽ لڳ گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي گولو جو رهواسي غلام عباس گولو پنهنجي ڳوٺ کان ڪار تي ڪنڌڪوٽ وڃي رهيو هو ته ڌاڙيلن ڪار جو اڳ وٺي ڇڏيو ء هٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪار لوهي پل وٽ هٿ آئي آهي اهڙو اطلاع گبلو پوليس ء وارثن کي ڏنو ويو پر پوليس واقعي واري هنڌ ديرسان پهتي گولا برادري جا سوين ماڻهو هٿيارن سان ڪچي طرف پهچي ويا آهن درياء پار ٽپي ويا آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي مغوين جو انگ وڌي ٽي ٿي ويو آهي
