1,493

جنرل ضياءالحق کان زرداريءَ تائين

اھو جنرل ضياءَ الحق جو ئي 1980ع وارو ڏھاڪو ھو جڏھن شاگرد يونينن تي پابندي ھڻي سياست جي نرسري بند ڪئي وئي، اسلام جي آڙ ۾ فاشزم نافذ ڪيو ويو، قومپرست، ترقي پسند ۽ جمھوري قوتن کي ڪچليو ويو، غير پارٽي بنيادن تي چونڊون ڪرائي سياسي قوتن جي جاء تي موقعي پرست غير سياسي فردن ۽ گروھن کي سياسي مسندن تي ويھاريو ويو ۽ ان ئي نظام ۾ آصف زرداريءَ کي بہ سياست جي ڪارزار ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ پوء سندس ڀاڳ ڏنو ڀيڙو جو بينظير ڀٽو ھن ڄار ۾ ڦاٿي. تڏھن ڪنھن ٿي ڄاتو تہ بينظير تہ ھن جھان فاني مان ھلي ويندي پر سنڌ سندس ڇڏيل ورثي مان اڙجي ويندي! ‘اٺ تہ تڏھن ئي ٿي رنا جڏھن ٻورا ٿي سبيا.’ بينظير جي آصف زرداريءَ سان مڱڻي جي خبر سنڌ تي وڄ جيان ڪري ھئي ۽ صف ماتم مچي وئي ھئي ۽ پوءِ مفاھمت جو دور شروع ٿي ويو. بينظير آمريڪا جي ٽياڪڙي سان جنرل ضياءُ الحق سان مفاھمت تحت موٽي آئي ۽ آمريڪا بھادر پنھنجي مفادن تحت جنرل ضياءَ الحق ۽ سندس رفيقن کي انبن جي پيٽيءَ وسيلي اڏائي، اقتدار بينظير جي جھوليءَ ۾ وڌو. ان ئي زماني ۾ مسلم دنيا جي پھرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي اقتدار جي ڇانوَ ۾ آصف زرداري مسٽر ٽين پرسنٽ بڻيو. في الحال اھو فيصلو بہ تاريخ تي ڇڏيون ٿا تہ، ‘سنڌ کي ان ڪرپشن جي ڪن ۾ ڦاسائڻ جي ڏوھ ۾ بينظير ڀٽو ڪيتري حد تائين شريڪ جرم ھئي؟’ 2007ع ۾ بہ بينظير ڀٽو آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ جنرل مشرف سان مفاهمت ڪري موٽي آئي ھئي پر ھن ڀيري آمريڪا بھادر بينظير ۽ مشرف ٻنھي سان ويساهه گهاتي ڪري اقتدار جي مسند تي زرداري، نواز ۽ ڪياني کي ويھاريو. ائين پاڪستان ۾ ھائبرڊ جمهوريت جو دور شروع ٿيو جنھن سنڌ ۾ ‘سنڌين’ جي حڪومت قائم ڪئي پر انتھائي ڪرپٽ ۽ نااھل! پاڪستان سميت سڄي دنيا کي ھاڻي ائين ئي نظر اچڻ لڳو تہ سنڌي انتھائي نااھل، ڪرپٽ ۽ وڏيرن جي ڪمداري ڪندڙ قوم آھي جنھن کي پنھنجي ئي تقدير بدلائڻ جو اونو ڪونھي تہ باقي ٻيو ڪوئي ان جو فڪر ڇو ڪري. ۽ سڀ کان وڏو الميو اھو رونما ٿيو تہ سنڌ جو شعور بہ ان ڄار جو شڪار ٿي ويو تہ، ‘ڀلا ان کان بھتر ڪير آھي؟’ ان سونھري ڄار ۾ اڻيل فاشزم جي سنڌ جي شعور پھرين جھلڪ اڄ پسي آھي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو