تفصيل موجب خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 7 فليگ شپ منصوبن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فليگ شپ منصوبن کي 2027ع جي آخر تائين مڪمل ڪيو وڃي. لائف انشورنس اسڪيم پي ٽي آءِ حڪومت جو ٻيو وڏو سوشل سيڪيورٽي پروگرام هوندو، ان اسڪيم تحت خاندان جي سربراهه جي فوت ٿيڻ تي وارثن کي 5 کان 10 لک رپيا ڏنا ويندا. اجلاس ۾ گهٽ آمدني وارن گهرن کي سولر يونٽ فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ 65 هزار مستحق گهرن کي مفت سولر يونٽ ۽ ٻئي مرحلي ۾ 65 هزار سولر يونٽ فراهم ڪيا ويندا. ماڻهن کي آسان قسطن ۾. اجلاس ۾ سمورن سرڪاري عمارتن کي سولر انرجي تي تبديل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڏورانهين سياحتي علائقن ۾ سياحن لاءِ گهرن ۾ رهائش جو تصور متعارف ڪرايو ويندو.
