12

غزه ۽ لبنان ۾ نسل ڪشي بند ٿيڻ گهرجي، اردگان

الجزيره ٽي وي موجب ترڪ صدر رجب طيب اردگان عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو غزه ۽ لبنان ۾ نسل ڪشي بند ڪري، جرمني جي چانسلر اولاف شولز سان ملاقات ۾ هن چيو ته اسان ان معاملي تي بحث ڪيو غزه ۾ اسرائيل طرفان جاري نسل ڪشي ۽ لبنان ۾ ٿيندڙ حملن تي اردگان وڌيڪ چيو ته اسان کي هڪ عالمي برادري جي حيثيت سان غزه ۽ لبنان ۾ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي، جيستائين اها نسل ڪشي جاري رهندي اسان جي خطي ۾ امن ۽ استحڪام نه ٿي سگهندو. هن چيو ته هن جنگ ۾ هن وقت تائين 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، سمورن ضمير وارن کي گهرجي ته هو اسرائيلي رويو ختم ڪرڻ جي ذميواري ڪن ۽ ترڪي ان تي ڪم جاري رکندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو