31

اسان جو پنهنجو سينيٽرن سان رابطو ناهي، پارليامينٽ هائوس ۾ لڳل تماشي کي ڏسڻ لاءِ آيو آهيان: اختر مينگل

بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته پارليامينٽ هائوس ۾ جيڪو تماشو ٿي رهيو آهي انهي کي ڏسڻ لاءِ آيو آهيان.پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان رسمي ڳالهيون ڪندي اختر مينگل چيو ته اسان جو پنهنجو سينيٽرز سان ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي، اسان پنهنجن سينيٽرز کي ڳولڻ لاءِ آيا آهيون، اسان ٻنهي سينيٽرز جا لاجز ڏٺا آهن پر هو اتي به نه آهن.بي اين پي سربراهه چيو ته  ٻئي سينيٽر جاتي امرا، بلاول هائوس ۽ آبپاره ۾ ٿي سگهن ٿا پر هن وقت بني گالا ۾ ته نٿا ٿي سگهن. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني وئي آهي.ٻئي طرف جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان به حڪومت کي آئيني ترميم تي ووٽ ڏيڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو