22

رياستي ادارن ۽ حڪومتي شخصيتن خلاف پروپيگنڊا پکيڙڻ وارن کان هوشيار رهو!

تفصيل موجب وفاقي ڪابينا نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي رولز جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت هاڻي رياستي ادارن ۽ عوامي شخصيتن خلاف پروپيگنڊا تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.سائبر ڪرائمز ۾ ملوث ماڻهن کي پنج کان پندرهن سال قيد جي سزا ۽ ڏنڊ وڌو ويندو.11 مهينن کانپوءِ نيشنل اين سي سي آءِ اي کي اختيار ڏنا ويا آهن، اين سي سي آءِ اي کي اختيار ڏنو ويندو ته هو سائبر ڪرائمز خلاف ڪارروائي لاءِ عالمي ادارن سان رابطو ڪري.نگران حڪومت ڊسمبر 2023ع ۾ اين سي سي آءِ اي جي قيام جي منظوري ڏني هئي.ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ کي ختم ڪري ڇڏيو، لاڳاپيل آفيسر هڪ سال تائين اٿارٽي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو