39

احمدپور ويجهو ڳوٺ مالھي سھتا جي رھواسي 8 مھينا اڳ عدالتي پسند جو پرڻو ڪندڙ

احمدپور ويجهو ڳوٺ مالھي سھتا جي رھواسي 8 مھينا اڳ عدالتي پسند جو پرڻو ڪندڙ عورت جو سندس وارثن ۽ پوليس جي ظلمن خلاف احتجاج انصاف جي گهر رپورٽ موجب احمدپور لڳ ڳوٺ مالھي سھتا جي رھواسي 8 مھينا اڳ عدالتي پسند جو پرڻو ڪندڙ عورت سميرا خاتون زال وزير علي مڱڻيجو سندس وارثن ۽ پوليس جي ظلمن خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته مان 8 مھينا اڳ خيرپور جي عدالت ۾ پنھنجي ئي مائٽ وزير علي مڱڻيجو سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنھن کانپوءِ منھنجا پويان وارث چاچا سئوٽ شوڪت، مرتضي، علي نواز، ارباب، رحمت، زاھد مڱڻيجو ۽ ٻيا جانين جا ويري دشمن بڻجي ويا آهن روز گهرن تي حملا ڪرڻ سان گڏ شھرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ اسانجي گهر ڀاتين منظور مڱڻيجو راڻو مڱڻيجو کان به موٽر سائيڪليون ھٿيارن جي زور تي کسي کين ڪھاڙيون ھڻي سخت زخمي ڪيو هو جن خلاف بھارو ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو ھو پر پوليس جوابدار بااثر ھجڻ ڪري کين گرفتار به نٿي ڪري جڏهن ته بھارو ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او طالب جسڪاڻي ڄاڻايل بااثرن کان ڳري رشوت وٺي اسانجي گهرن تي پوليس جون چڙھايون ڪري اسان جي گهر ڀاتين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ھن اسانجو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ان موقعي تي ھن آء جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته پوليس ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو