پيرجوڳوٺ ۾ شراب آئيس سميت منشيات جي سرعام وڪري ۽ بدامني خلاف پيرجوڳوٺ جي شهرين پاران ڪنگري ناڪو اسٽاپ تي استاد الطاف عباسي استاد عبدالرشيد خلجي فقير تنوير قادري علي گوهر شيخ حبيب مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته پيرجوڳوٺ ۾ سرعام پوليس سرپرستي ۾ آئيس شراب ۽ ٻيو نشو وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ پوليس جا ڪجھ اهلڪار ملوث آهن جنهن بابت سڄي علائقي کي خبر آهي ان کان علاوه پيرجوڳوٺ شهر ۽ بدامني جو راڄ آهي جڏهن ته پيرجوڳوٺ ۾ ڊرينج سسٽم نه هئڻ سبب شهري سخت پريشان آهن جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جو پڻ وڏو آزار آهي جنهن بابت ڪافي دفعا احتجاج ڪيا ويا ذميوار آفيسرن کي درخواستون ڪيون ويون آهن پر ان جي باوجود ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي جڏهن ته بدامني سبب ڪارو بار ٺپ ٿي ويا آهن واپاري طبقو سخت پريشان آهي هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بدامني تي ڪنٽرول ڪري پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪري امن بحال ڪرائڻ سميت ٻيا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن
