ڪراچي اڄ به سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهي. جڏهن ته شهر ۾ سامونڊي هوائون به بند ٿي ويون آهن، جنهن سبب گرمي پد اصل کان وڌيڪ محسوس ڪيو پيو وڃي، موسميات کاتي موجب اڄ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. اها لهر هڪ هفتي کان وڌيڪ رهي سگهي ٿي.چيف ميٽريالوجسٽ جو چوڻ آهي ته نومبر جي وچ کان قائد شهر جي موسم ۾ ڪجهه بهتري اچڻ جو امڪان آهي. صبح ۽ رات جي وقت ۾ ٿوري ٿڌ ۽ ڏينهن جي وقت نسبتاً گرم رهندو، ان کان علاوه حيدرآباد، سجاول، ٺٽو، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر سميت سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. اسلام آباد، ڪوئيٽا، پشاور سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو.
21