پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه ۽ مخالف ڌر جي اتحاد جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان کي جمهوريت ۽ اسيمبلين مان مايوسي ٿي رهي آهي. هاڻي ته اسيمبليءَ جي فلور تي به اهو ئي چيو پيو وڃي ته ڪنهن کي به پوئتي نه ڇڏيو ويندو. محمود خان اچڪزئي چيو ته اسيمبليون مينڊيٽ وڃائي چڪيون آهن، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ انصاف جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي. حڪومت جي خاموشي ڪنهن وڏي خطري کان گهٽ ناهي. پاڪستان جي بي عزتي ٿي رهي آهي، اسان ان جو حصو ٿي سگهون ٿا ۽ خاموش نه ويهنداسين. سينيئر سياستدان چيو ته نواز شريف جو ڀاءُ جنهن ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو لڳايو هو پنهنجي آشيرواد سان آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هو امن قائم ڪرڻ لاءِ هر قدم کڻندا. پختون علائقن ۾ جرڳا ڪيا ويندا. پهريون جرڳو 9 ۽ 10 نومبر تي لورالائي ڊويزن ۾ ٿيندو.
