49

بلوچستان: سبي ڀرسان مسافر ويگن ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، 5 ڄڻا اجل جو شڪار، 13 زخمي

بلوچستان جي ضلعي سبي ڀرسان مسافر ويگن ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته 13 زخمي ٿي پيا آهن.ريسڪيو ذريعن موجب ڪوئٽه کان جيڪب آباد ويندڙ مسافر ويگن تيز رفتاري سبب ٽرالر کي اوور ٽيڪ ڪندي منهڙي واري هنڌ تي سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ واقعو پيش آيو.ريسڪيو ذريعن موجب واقعي جي اطلاع ملندي ئي ليويز ۽ ايف سي اهلڪار ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون، حادثي ۾ 5 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 13 زخمي ٿي پيا. زخمين ۽ فوت ٿي ويلن جا لاش ڊسٽرڪٽ اسپتال سبي منتقل ڪيا ويا. ڊاڪٽرتن موجب زخمين مان ٻن مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو