30

سانگهڙ : پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان ماءُ، ڀينرن ۽ ڀيڻوئي کي قتل ڪري ڇڏيو

 سانگهڙ ڀرسان جهول ٿاڻي جي حد ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جوابدار لاکو ڀيل پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان پنهنجي ماءُ، ٻن ڀينرن سميت ڀيڻوئي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.پوليس موجب مذڪوره واقعو علي جان مري جي علائقي ۾ پيش آيو جتي پسند جي شادي نه ڪرائڻ تي نوجوان ڪاوڙ ۾ اچي ويو، پوليس موجب نوجوان ڪاوڙ ۾ اچي گهر ۾ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ان جي ماءُ، 2 ڀينرون ۽ ڀيڻيوو مارجي ويا.قتل ٿي ويلن ۾ جوابدار جي ماءُ ڪڻڪا، 2 ڀينرون ڌنڪي ۽ راڌان ۽ سندس ڀيڻويو ريجهو شامل آهن. جهول پوليس قتل ٿي ويلن جا لاش تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر جهول منتقل ڪري ڇڏيا. جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا.ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڄام نواز علي ٻڌايو ته جوابدار پنهنجن مان شادي ڪرائڻ چاهي ٿي پر گهر وارا راضي نه هئا، جنهن کان پوءِ جوابدار  لاکو ڀيل ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجن گهر ڀاتين سميت ڀيڻوئي کي قتل ڪيو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن کيس جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.پوليس موجب جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. جڏهن ته لاشن کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو