غوثپور ڀرسان ڳوٺ دڙي سندراڻي واري علائقي ۾ باگڙين جي قبرستان وٽ ٽيھن سالن جي جيوڻ باگڙي مھراج پٽ لڇمڻ گھر اڻبڻت تان ڳچي ۾ رسو ٻڌي آپگھات ڪري زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو۔ فوت ٿيل نوجوان گھر ۾ اڪيلو ھيو ۽ سندس گھر ڀاتي ٻاھر ويل ھئا ته پويان ھن رسو ڳچي ۾ ٻڌي ڦاھو کائي آپگھات ڪري زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو۔ ڳوٺاڻن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوتي نوجوان ڪراچي ۾ ڦيري ڪري گذر سفر ڪندو ھيو ۽ پئ کي اڪيلو پٽ ھيو۔ ڪجھ ڏينھن اڳ گھر ڀاتين سان ڪنھن ڳالھ تي ڪاوڙيل ھيو ۽ اڄ گھر ۾ اڪيلو ھيو ته اھڙو عمل ڪري پنھنجو انت آڻي ڇڏيو۔ وارثن جي گھر پھچڻ تي گھر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو۔ سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا۔ ٻئي پاسي پوري ڳوٺ ۾ سوڳ پکڙجي ويو۔۔
16