27

ڪنري: 11 هزار بجلي جي تار ڪرڻ سبب 2 عورتون سڙي فوت، هڪ زخمي، وارثن جو تعلقه اسپتال آڏو واپڊا خلاف احتجاج

ڪنري ڀرسان 11 هزار بجلي جي تار ڪرڻ سبب 3 عورتون  سڙي زخمي ٿي پيون جن مان 2 فوت جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پئي.ڪنري جي علائقي ٽالهي ڀرسان ڳوٺ نصير چانڊيو ۾ 11 هزار وولٽيج جي تار ڪرڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٽن عورتن مان 2 عورتون فوت ٿي ويون جڏهن ته هڪ سخت زخمي ٿي پئي آهي جنهن کان پوءِ فوتي عورتن جي وارثن سندن لاش کڻائي تعلقه اسپتال منتقل ڪيا جتي وارثن پاران اسپتال ٻاهران واپڊا خلاف احتجاج پڻ ڪيو ويو.فوت ٿيل عورتن ۾ گوري ڌيءَ رتنو ڪولهي، تاجو زال رتنو ڪولهي شامل آهن جڏهن ته مروان زال ڄام ڪولهي  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪنري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.بجلي جي تار ۾ وچڙي فوت ٿيل ماءُ ڌيءُ جا لاش ڪنري اسپتال منتقل ڪيا ويا وارثن ۽ علائقي واسين تعلقه اسپتال سامهون واپڊا خلاف پڻ ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته واپڊا جي نااهلي سبب واقعو پيش آيو آهي، گذريل چئن ڏينهن کان تار هيٺ ڪريل هئي، حيسڪو سب ڊويزن نئون ڪوٽ عملي کي بار بار دانهون ڪيون پر ڪنهن به دانهن نه ٻڌي.مظاهرين وڌيڪ چيو ته واپڊا عملي جي لاپرواهي سبب ماءُ ۽ ڌيءُ مري ويون، هي حادثو ناهي پر قتل آهي. فوري طور تي واپڊا جي نااهل عملي خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو