خيرپور ۾ اسڪارپ کاتو بي فائده بڻيل، سم ۽ ڪلر سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهي ڪناري، عملدار مختلف ڪاغذي ڪم ڏيکاري ڪروڙين روپين جي بجيٽ هڙپ ڪرڻ ۾ مصروف، آڊٽ وارا توڙي ائنٽي ڪرپشن وارا ڀي خاموش تماشائي بڻيل، ڳوٺاڻن جو احتجاج، تدارڪ جو مطالبو. تفصيل مطابق خيرپور ضلع ۾ سم ۽ ڪلر جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارو اسڪارپ کاتو عملدارن جي ڪرپشن سبب بي فائده بڻيل آهن. جنهن ڪري خيرپور ضلع جي مختلف علائقن جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهيل آهي. جڏهن ته سم ۽ ڪلر جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ، ٽيوب ويلن جي مرامت ۽ پيٽرول توڙي گاڏين جي مرامت جي مد ۾ ڪروڙين روپين جي بجيٽ عملدار ۽ ماتحت عملي وارا هڙپ ڪرڻ ۾ مصروف آهن. عملدارن جي طرفان ڪيترن ئي بند پيل ٽيوب ويلن کي ڪاغذن ۾ چالو ڏيکاري انهن جي ڪاغذن ۾ مرامت ڪرائڻ، خراب ٿيل گاڏين جي ڪاغذن ۾ مرامت ڪرائڻ، گهر ويٺي ملازمن کي پگهار ڏيڻ جي مد ۾ ڪروڙين روپيه هضم ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي. جڏهن ته آڊٽ وارا عملدار توڙي ائنٽي ڪرپشن عملدار پڻ ان معاملي جي خبر هجڻ باوجود خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري پنهنجو حصو وٺڻ ۾ مصروف آهن. انتظاميه ۽ عملدارن جي اهڙي عمل خلاف شهرين طرفان عبدالستار مهر، شفي محمد ڀنڀرو، عبدالقيوم حاجاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته اسڪارپ کاتي جي باقائده آڊٽ ڪرائي رڪارڊ سان گڏ سرزمين ڏسي ملوث عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ هزارين ايڪڙ زرعي زمين کي سم ۽ ڪلر کان بچائي سرسبز بڻائيو وڃي.
