24

چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ بم پروف گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو

 پنجاب حڪومت چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ بم پروف گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن جي لاءِ 50 ڪروڙ روپين جي منظوري ڏني وئي آهي. تفصيل موجب پنجاب حڪومت صوبي ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ بم پروف گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پنجاب حڪومت گاڏين جي خريداري لاءِ 50 ڪروڙ روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ جي پنجاب جي سفارشن تي صوبائي ڪابينه منظوري ڏني. وفاقي حڪومت 2016 ۾ 23 گاڏيون چائنيز ۽ ٻين وي آءِ پيز لاءِ خريد ڪيون هيون پر 2016 کان پوءِ سي پيڪ سميت ٻين منصوبن ۾ اضافي سان گاڏيون گهٽ پئجي ويون. ياد رهي ته چيني سفير اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ۾ چيو هو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي سي پيڪ کي اڳيان وڌائڻ ۾ سڀني کان وڏي رنڊڪ آهي انهي کان سواءِ اهو نٿو هلي سگهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو