43

جيڪب آباد پوليس طرفان گرفتار ڪيل خطرناڪ ڏوهاري ٿاڻي مان فرار، ايس ايس پي نوٽيس وٺي ڇڏيو

جيڪب آباد پوليس پاران تازو ڪيل ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل خطرناڪ ڏوهاري ٿاڻي مان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن جو ايس ايس پي نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.صدر پوليس هڪ هفتو اڳ ڳوٺ محمد علي بروهي ڀرسان ٻن ڏوهارين کي ڪلاشنڪوف سميت گرفتار ڪيو هو، گرفتار ٿيل ڏوهارين ۾ حنيف گلواڻي جکراڻي، نصير عرف ڏاڏو گلواڻي جکراڻي شامل آهن.پوليس جي موجودگي باوجود فرار ٿي ويل ڏوهارين پنهنجي علائقي جاگير ۾ پهچي خوشي وچان هوائي فائرنگ ڪئي، پوليس ذريعن موجب ٻئي جوابدار شهر مان سرعام ڪلاشنڪوف جي زور تي شهرين کان ڦر ڌاڙا اغوا سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا.ايس ايڇ او صدر سعيد جماڻي مقابلي بعد ٻنهي جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو هو، پوليس ذريعن موجب ٻنهي خطرناڪ جوابدارن کي ٻهراڙي جي ٿاڻي ۾ رکيو ويو هو جتان هو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو