10

پهريون ون ڊي: پاڪستان آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ 204 رنسن جو حدف ڏئِي ڇڏيو

 پاڪستان جي خلاف ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي کٽڻ جي لاءِ 204 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو آهي. پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون ميلبورن جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي آمهون سامهون ٿيون آهن جتي ميزبان ٽيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جي ٽيم 46.4 اوورز ۾ 20.4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، صائم ايوب 1 رنس ۽ عبدالله شفيق 12 رنسن تي مچل اسٽارڪ جي بال تي آئوٽ ٿيا. بابر اعظم کي ايڊم زمپا 37 رنسن تي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ڪامران غلام 5 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جي بال جو شڪار بڻجو، سلمان علي آغا کي سين ايبٽ 12 جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان کي مارنس لبوشين 44 رنسن تي آئوٽ ڪيو. شاهين شاهه آفريدي 24 رنسون ٺاهي اسٽارڪ جي بال تي آئوٽ ٿيو. عرفان خان 22 رنسن تي رن آئوٽ ٿيو.نسيم شاهه کي پيٽ ڪمنز 40 ۽ حارث رئوف کي ايڊم زمپا ٻُڙي تي آئوٽ ڪيو. پاڪستاني رانديگرن ۾ عبدالله شفيق، صائم ايوب، بابر اعظم، محمد رضوان، ڪامران غلام، سلمان علي آغا، محمد عرفا خان، شاهين آفريدي، نسيم شاهه، حارث رئوف ۽ محمد حسنين شامل آهن. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت آسٽريليا جي دوري تي موجود آهي جتي هو 3 ون ڊي  ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز کيڏندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو