8

“شھيد جوان منير احمد کنڀڙو: ڪوئيٽا بم دھماڪي ۾ جان قربان، ڳوٺ واپس آڻي مٽيء ماءُ حوالي”

احمدپور جي ڳوٺ وڏا کنڀڙا جو رھواسي، پاڪ آرمي سنڌ ريجمينٽ يونٽ ڇھ 6 جو جوان، منير احمد کنڀڙو، هڪ ڏينهن اڳ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ٿيل بم ڌماڪي ۾ پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪري شهيد ٿي ويو. دھشتگردن جي تشويشناڪ ڪارروائي ۾ منير احمد کنڀڙو پنهنجي فرض کي اوليت ڏيندي، دشمنن جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي جان قربان ڪئي. هن جو مڙھ سندس اباڻي ڳوٺ ۾ آندو ويو، جتي اُهو آخري وقت ۾ مٽيء ماءُ کي حوالي ڪيو ويو. ڳوٺ ۾ شهيد جي آمد تي ڏک ۽ غم جي لڪير ڇا وئي، پر ان سان گڏوگڏ شهيد جي قرباني تي فخر محسوس ڪيو ويو.منير احمد کنڀڙو، جيڪو پنهنجي زندگي ۾ هميشه پنهنجي وطن ۽ فوج جي خدمت ۾ مصروف رهيو، ان جي شجاعت ۽ قرباني کي ڳوٺاڻن ۽ سندس خاندان وارن طرفان وڏي عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس شهادت نه صرف سندس خاندان لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، پر اهو ملڪ ۽ قوم لاءِ به هڪ وڏي قرباني آهي. سندس وارث ۽ اهل خانہ ان جي قرباني تي فخر محسوس ڪري رهيا آهن، ۽ انهن جو چوڻ آهي ته “شھيد هميشه زنده هوندا آهن”.شہادت جو اهو لمحہ، جيڪو منير احمد کنڀڙو پنهنجي وطن جي دفاع ۾ برداشت ڪيو، هڪ پيغام آهي ان سڀني لاءِ جيڪي پنهنجي ملڪ جي حفاظت ۾ قرباني ڏيڻ جي تيار آهن. ڳوٺ واسي، دوست ۽ عزيز ان جي قرباني کي هميشه ياد رکندا ۽ ان جي مشن کي جاري رکڻ جو عزم ڪندا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو