14

پريالوءِ: ڦر واقعي ۾ ملوث جوابدار ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

پريالوءِ:ڦر واقعي ۾ ملوث جوابدار ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي معذور پورهيت جو گهر ڀاتين سميت احتجاج تفصيل موجب پريالوء لڳ ڳوٺ دوستاڻي ڦلپوٽو جي رهواسي معزور پورهيت علي بخش ڦلپوٽو پنهنجي گهر ڀاتين مسمات سيما مسمات ميران ڦلپوٽو ۽ معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڪجھ ڏينھن اڳ رستي ويندي ڳوٺ حسڻ ڦلپوٽو وٽ هٿياربند ڦورن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ بعد مزاحمت تي فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ڪيس پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي عبدالجبار ڦلپوٽو انور ڦلپوٽو سميت ٽن جوابدارن خلاف داخل ڪرايو هو هنن چيو ته وڏيرو ڪائونسلر پرويز احمد ڦلپوٽو مٿي ڄاڻايل جوابدارن کي بچائڻ چاهي ٿو ۽ رات شادي تقريب دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ پنهنجي ئي گولي لڳڻ سبب نوجوان شعيب ڦلپوٽو زخمي ٿي پيو آهي ۽ ان واقعي ۾ مونکي بيگناھ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هن چيو ته مان معذور آهيان ته ڦر ڪيئن ڪندس هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڦر واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو